حام بن نوح

حام بن نوح: حام حضرت نوح عليه السلام جو پٽ هو. قرآن مجيد ۾ ان جو ذڪر صراحت سان ناهي آيو. حام طوفانِ نوح عه ۾ پنهنجي ڀائرن سام ۽ يافث سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ موجود هو. حام جي باري ۾ هڪ روايت آهي ته حضرت عيسيٰ عليه السلام، حام جي قبر تي ’قُم باذن الله‘ چئي ان کي ڪجهه عرصي لاءِ جيئرو ڪري ان کان طوفانِ نوح عه جو سڄو احوال معلوم ڪيو. تاريخ طبري جو مصنف ڄاڻائي ٿو ته، ’حام جوانيءَ جي عالم ۾ فوت ٿي ويو هو.‘
مسلمان مؤرخن اهو به لکيو آهي ته: ”حضرت نوح عه جي بد دعا سبب حام جو رنگ ڪارو ۽ وار گهنگهرو ٿي ويا“ ۽ ان کانسواءِ حضرت نوح عه اها به دعا گهري هئي ته سڀ پيغمبر سام جي اولاد مان ۽ سڀ بادشاهه يافث جي اولاد مان ٿين ۽ حام جو اولاد سام ۽ يافث جي اولاد جو خدمت گذار ٿئي. روايتن ۾ اهو به ڄاڻايل آهي ته حضرت نوح عه سڄي زمين پنهنجي ٽن پٽن ۾ تقسيم ڪري ڇڏي هئي. حام کي نيل نديءَ کان وٺي مغرب جو علائقو (آفريڪا) ڏنو ويو، جنهن کانپوءِ هو ’ابو الحبش‘ سڏجڻ لڳو. حضرت نوح عه جو هڪ پٽ نافرمان ٿيو، جنهن کي الله جي فرمان تي يقين نه هو، جنهنڪري اهو الله جي عذاب هيٺ اچي ختم ٿي ويو. اسلامي عقيدي موجب پهريون دفعو زمين آباد ڪندڙ حضرت آدم عليه السلام آهي، پر ٻيو دفعو زمين آباد ڪندڙ حضرت نوح عليه السلام هو.


لفظ حام بن نوحھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو